ڀرڪيو شيخ ٺٽو

ڀرڪيو شيخ، ٺٽوي: هيءُ بزرگ مخدوم نوح رحه جو همعصر هو. هيءُ بزرگ ٽنگ کان معذور هو، انڪري ”ڀرڪيي لَنگ“ جي نالي سان به مشهور هو. کيس مخدوم نوح جي صحبت مان فيض مليو. ڀرڪيي فقير مڪليءَ جي پهاڙن تي پنهنجو آستانو اڏيو، جتي وڏو مينار ٺهرايو هئائين. رات جو ان تي ڏيئو ٻاري ڇڏيندو هو ۽ انهيءَ روشنيءَ جي آڌار تي مسافر رستو معلوم ڪري بندر ڏانهن ويندا هئا ۽ سامونڊي مسافر کيس نذرانو ڏيندا هئا، ان ڪري وٽس دولت جمع ٿي وئي ۽ ڪيترائي ماڻهو هن جي جماعت ۾ شامل ٿي ويا، تڏهن مرزا محمد باقي حڪمران هو. ان کي اها جماعت ڪُکي رهي هئي ۽ هو کين ختم ڪرڻ جا وجهه ڳولي رهيو هو. ڀرڪيي شيخ جو اصول هو ته وٽس ڪير به ايندو هو ته ان کان محنت ڪرائيندو هو. جڏهن هن وٽ سيد علي شيرازي ٺٽوي آيو ته ان کان به جبري محنت ڪرايائين، جنهن مرزا باقيءَ کي اچي دانهن ڏني. ان کان پوءِ ڀرڪيي درويش جي سموري سامان کي قبضي ۾ آڻي سرڪاري مهر هنئي وئي ۽ مرزا باقيءَ ڪا ٽَلَ ڪرائي ڀرڪيي فقير کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. سندس درگاهه ۽ مقبرو به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو